ڪراچي جي شهرين لاءِ ماسڪ جي پابندي لازمي، ڀڃڪڙي تي ڏنڊ

ڪراچي : ڪراچي ۾ شهرين لاءِ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ 5 سئو کان هڪ هزار رپين تائين ڏنڊ هوندو.
ڪراچي انتظاميا ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ خاطر شهرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪندي ماسڪ ضرور پائين.
ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪمشنر افتخار شالواڻي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائين، جڏهن ته ماسڪ نه پائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 5 سئو کان هڪ هزار رپين تائين ڏنڊ لڳايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔