آمريڪي صداتي چونڊون، ڪجهه رياستن ۾ ڳڻپ اڃا جاري، ٽرمپ جو ڌانڌليءَ جو الزام

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي.
ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار پنهنجي انهن الزامن جي حوالي سان ڪا شاهديون پيش ناهن ڪيون پر چيو آهي ته جن رياستن ۾ اڃا تائين ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، اتي ڌانڌلي پئي ٿئي.
گهڻي ڀاڱي آمريڪي نشرياتي ادارن موجب هيل تائين ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن 254 اليڪٽورل ڪالج ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 214 ووٽ کڻي سگهيو آهي، چونڊن کٽڻ لاءِ ڪنهن به اميدوار کي 270 اليڪٽورل ڪالج ووٽ گهربل هوندا آهن.
ڪجهه رياستن ۾ اڃا به ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جن ۾ ٻنهي اميدوارن وچ ۾ ووٽن جو فرق انتهائي معمولي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔