ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ نوجوانن کي موقعو ڏينداسين: بابر اعظم

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي، ان کان اڳ ون ڊي سيريز پاڪستان 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
ان ڏس ۾ اسلام آباد ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هاڪاري سوچ سان ميدان ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن سان سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.
هن چيو ته اسان فيلڊنگ جي شعبي ۾ ميچ فنش ڪرڻ تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، نوجوان رانديگر ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ۾ اچي رهيا آهن، محمد موسيٰ، محمد حسنين ۽ خوشدل شاهه کي ڊوميسٽڪ پرفارمنس تي کيڏايو ويو.
سندس چوڻ هو ته مون کي هاڻ ڪپتان طور سوچڻو پئجي رهيو آهي، عبدالله شفيق کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ موقعو ڏينداسين، نائب ڪپتان شاداب خان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ به نه کيڏي سگهندو.
بابر اعظم وڌيڪ چيو ته مهمان ٽيم زمبابوي وٽ تجربي ڪار رانديگر آهن، تنهن ڪري ان کي آسان نٿا سمجهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔