جيسنڊا آرڊرن ٻيو ڀيرو وزرات عظميٰ جو حلف کڻي ورتو

ويلنگٽن : جيسنڊا آرڊرن ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کڻي ورتو.
نيوزيلينڊ جي عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندڙ جيسنڊا آرڊرن جمعي ڏينهن ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ لاءِ حلف کنيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب حلف برداري تقريب ويلنگٽن گورنمينٽ هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ جيسنڊا آرڊرن ۽ ان جي ڪابينا ميمبرن حلف کنيو.
ميڊيا رپورٽن موجب جيسنڊا آرڊرن جي ڪابينا 20 ڄڻن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 8 عورتون به شامل آهن.
ان موقعي تي جيسنڊا آرڊرن جو چوڻ هو ته اسان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جن تي گڏجي ضابطو آڻينداسين ۽ مان پراميد آهيان ته مون وٽ قابل ٽيم آهي.
هن چيو ته منهنجي ڪابينا مجموعي طور مختلف نظرين جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪا ڀرپور قابليت ۽ بهترين تجربي سان ڪنهن به بحران ۾ هر وقت ملڪ جي خدمت لاءِ پرعزم آهي.
واضح رهي ته 40 ورهين جي جيسنڊا آرڊرن 17 آڪٽوبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڪثريت حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔