واٽس ايپ ۾ هڪ ٻيو نئون آپشن متعارف

لنڊن :واٽس ايپ پيغامن لاءِ هڪ نئون آپيشن پيش ڪيو آهي جنهن ۾ موڪليل ۽ وصول ٿيل پيغام فون مان پاڻ مرادو ستن ڏينهن ۾ گم ٿي ويندا.
فيسبڪ ان لاءِ ”ڊساپيئرنگ ميسيجز“ جو آپشن پيش ڪيو آهي جنهن کي واهپيدارن جي ڳالهه ٻولهه ڳجهي رکڻ لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي. ڪمپني موجب اهو آپشن هن مهيني جي آخر تائين سڀني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بلاگ ۾ واٽس ايپ انتظاميا چيو آهي ته ستن ڏينهن کان پوءِ ميسيج پاڻ مرادو ختم ٿيڻ جي آپشن تحت دماغي سڪون هوندو . پر واهپيدارن چاهين ته ٽيڪسٽ ۽ تصويرن جا اسڪرين شاٽس ڪڍي محفوظ ڪري سگھن ٿا. ۽ ان آپشن جي چونڊ ڪندي ئي پيغام رڳو ستن ڏينهن تائين ئي نظر ايندا.
اهڙي طرح واٽس ايپ جي ڪنهن گروپ جي ايڊمن وٽ اهو آپشن هوندو ته هو ان کي ڊليٽ ڪري سگھي ۽ ائين انفرادي اڪائونٽ سان گڏ ان آپشن کي آن يا آف ڪري سگھبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔