ڪراچي ۾ محمود آباد ۽ اعظم بستي واسين جو چيف جسٽس جي آمد دوران سپريم ڪورٽ آڏو احتجاج

ڪراچي ) رپورٽر) ڪراچي جي محمود آباد ۽ اعظم بستي جي رهواسين طرفان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاج، گهر ڊاهڻ خلاف احتجاج دوران 2 عورتون بيهوش ٿي ويون، رهواسين جو چوڻ آهي ته پنهنجي حقن لاءِ خالي پيٽ عدالت پهتا آهيون، غربت سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، گهر ڊاهي ٻچن سوڌو رستن تي نه آندو وڃي، مظاهرين طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کان انصاف جو مطالبو، چيف جسٽس احتجاج ڪندڙن جي مسئلن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔