نيب پاران لاڙڪاڻي ۾ 300 جعلي ڀرتين واري معاملي جي جاچ شروع

سکر (رپورٽر) نيب سکر تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ 3 سئو جعلي ڀرتيون ڪري سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جي چوٽ ڏيڻ بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب سکر تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ 3 سئو جعلي ڀرتين جي جاچ شروع ڪري عملدارن کي ريڪارڊ سميت سکر طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب لاڙڪاڻي ۾ 2008ع کان 2012ع تائين 300 جعلي آءِ ڊيز کولي پگهارون جاري ڪري قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جي چوٽ پهچائي وئي. جعلي ڀرتين بابت نيب سکر جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اڪائوٽس آفيسر کي ريڪارڊ سميت 10 نومبر تي سکر طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جعلي ڀرتين جي جاچ جاري آهي، نيب پاران جاچ شروع ڪرڻ بعد جعلي ڀرتيون ڪندڙ عملدارن ۽ جعلي ملازمن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔