نواز شريف حقيقتن جي بنياد تي بيان ڏنو: محمد زبير

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير بلاول جي انٽرويو تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته نواز شريف حقيقتن جي بنياد تي بيان ڏنو، بلاول ڀٽو پنهنجي راءِ رکي ٿو، ان جو احترام آهي. جاري ڪيل بيان ۾ محمد زبير چيو ته نواز شريف قوم کي ٻڌايو ته اڳتي وڌڻو آهي ته ماضي ڏسڻو پوندو. ترجمان چيو ته اسان کي ڪنهن کي ثبوت پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي،نواز شريف جو بيان سياسي ۽ ن ليگ جو موقف هو. ٻئي پاسي ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اها بلاول جي ذاتي راءِ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻو وزير اعظم نوازشريف جيڪو ڪجهه ٻڌائي رهيو آهي اهو حقيقتن تي ٻڌل آهي، جنهن جو شاهد ميان نوازشريف ۽ پاڪستان جو عوام آهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔