سنڌ ۾ ڪاروباري تڪرار وارن ڪيسز جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ڪمرشل ڪورٽس قائم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاڪورٽ ماتحت عدالتن ۾ ڪاروباري تڪرار وارن ڪيسز جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ڪمرشل ڪورٽس قائم ڪري ڇڏيون آهن،جڏهن ته فيصلن خلاف اپيلون ٻڌڻ لاءِ اپيلٽ ڪورٽس به قائم ڪيون ويون آهن، سينيئر سول ججز ڪاروباري تڪرار وارا ڪيسز ٻڌي قانون مطابق فيصلو ڪري سگهندا. هاڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ جي ماتحت عدالتن ۾ ڪاروباري تڪرار وارن ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ سينيئر سول ججز تي ٻڌل ڪمرشل ڪورٽس قائم ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته انهن جي فيصلن خلاف اپيلون ٻڌڻ لاءِ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز تي ٻڌل اپيلٽ ڪورٽس پڻ قائم ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي ۾ چئن سينيئر سول ججز ۽ ٻن سينيئر سول ججز جي ڪورٽس ۽ صوبي جي ٻين ضلعن جي سمورن سينيئر سول ججز جي ڪورٽس کي ڪمرشل ڪورٽس قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڪمرشل ڪورٽس جي قيام بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سينيئر سول ججز ڪاروباري تڪرار وارا ڪيسز ٻڌي قانون مطابق فيصلو ڪري سگهندا….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔