بلاول ڀٽو ۽ نواز شريف گڏ نٿا هلي سگهن: شيخ رشيد احمد

اٽڪ (م ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ نواز شريف گڏ نٿا هلي سگهن، پ پ ۽ ن ليگ هڪٻئي جون مخالف پارٽيون آهن. حسن ابدال ريلوي اسٽيشن جي افتتاح کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيندا. هن چيو ته پي ڊي ايم اتحاد گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو، نواز شريف پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي.. هن چيو ته حسن ابدال ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ۾مقامي وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ريلوي جي وفاقي وزير چيو ته ريلوي پورهيتن جي ٽيڪنيڪل الائونس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مين لائين ون منصوبو ريلوي جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔