آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو راولپنڊي ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور هيڊڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو آهي، جتي هن کي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف کي فارميشنز جي تيارين کان به آگاهه ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڀارتي فوج جو نشانو بڻجندڙ ڪشميري عوام جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج ڪنٽرول لائن تي رهندڙن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائيندي.

هن چيو ته ڀارتي فوج ايل او سي تي آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي راولپنڊي ڇانوڻي جي ترقياتي ڪمن کان آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي ۽ سول انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔