حيدرآباد ۾ سنڌ دوست ڌرين بنيادي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌ دوست ڌرين، قومپرست پارٽين، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو سنڌ جي ٻيٽن، تعليم، صحت سميت بنيادي عوامي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ 5 رڪني عبوري گڏيل ايڪشن ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آڻي ڇڏيو. گڏيل طور تي سگهاري جدوجهد ڪرڻ جو اعلان، آئنده جو لائحه عمل جوڙڻ لاءِ عبوري ڪاميٽي ڪم ڪندي.

ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست، عوام دوست سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران حيدرآباد جي شهري ۽ ٻهراڙين وارن علائقن جي عوامي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿارڻ سميت قومي سطح جي وطن دوست ۽ عوام دوست سياسي تحرڪ جو ساٿ ڏئي سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو به گهربل، متحرڪ ۽ بامقصد ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب جي هال ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو.

جنهن ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي قيام جي ضرورت ۽ پيش ڪيل تجويز تي کليل بحث مباحثي بعد جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ڍانچي ۽ ڊرافٽ جي منظوري سان گڏ ايندڙ ٽن مهينن لاءِ رٿابندي ۽ ذميوارين جي ورهاست واري ايجنڊا رکي وئي.

مشاورتي گڏجاڻي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين هاشم کوسو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ديدار شام، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر اسلم پرويز، وطن دوست جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عبدالجبار، گسٽا سنڌ جي صدر محمد اشرف خاصخيلي، پروفيسر يعقوب چانڊيو، اديب تاج جويو، فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه، مصطفيٰ ميراڻي، عاليا بخشل، پورگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ درياءَ خان چانڊيو، سماجي اڳواڻ پرڀو ستياڻي، جامي چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ خدابخش ٿيٻو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ هوت خان گاڏهي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي،  صحافي جاني خاصخيلي، ونود ڪمار، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير، ڪاشف صديقي، عبدالرزاق عمراڻي، وهاب پنڌراڻي، عبدالغفار ملڪ، ڊاڪٽر سراج، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سبهاني ڏاهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مشاورتي اجلاس ۾ چيو ويو ته ملڪ جون مجموعي حالتون سياسي، معاشي ۽ سماجي لحاظ کان نه رڳو بدترين آهن پر انهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن ملڪ جي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري تضادن کي وڌيڪ چٽو ۽ تشويشناڪ بڻائي ڇڏيو آهي، حڪمران ڌريون پنهنجي گروهي ۽ طبقاتي مفادن، سامراجي ڳيجهوپڻي، سرمائيدار ۽ جاگيردار مفادن ۽ عوام دشمن رجعت پسند بيهڪ سبب انهن تضادن کي حل ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ تيز ۽ خطرناڪ مرحلن ۾ داخل ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

مشاورتي گڏجاڻي ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ ملڪ جي معيشيت ۾ پهريون نمبر، آبادي جي لحاظ سان ٻيو نمبر وڏو صوبو ۽ جاگرافيائي طور وڌيڪ حساس ۽ اهم خطو آهي، ان ڪري ملڪ جي گهڻ طرفي رياستي ۽ حڪومتي بحران جا سڀني کان وڌيڪ شديد ترين گهڻ طرفا منفي اثر سنڌ ۽ ان جي عوام تي پيا آهن، جنهن جي شاهدي ملڪي تاريخ جا گذريل ست ڏهاڪا آهن، انهن بدترين تضادن ۽ اثرن هڪ ڀيرو وري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي وطن جي وحدت، شهرن ۽ وسيلن جي مالڪي، خودمختياري، عوامي حڪمراني ۽ ٻين حوالن سان وجودي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ساڳي وقت سنڌ ۾ وڏيرڪي طبقي ۽ موقعي پرست وچولي طبقي جي مفاد پرسرت اقتداري سياست ۽ حڪمراني جي انداز نه رڳو سنڌ جي عوام کي ايڪويهين صدي ۾ به زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم پئي رکيو آهي، پر سنڌ جي وحدت، خودمختياري، وسيلن جي مالڪي ۽ دائمي اڪثريتي حيثيت جي تحفظ جي سوال کي سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ان سموري پسمنظر ۽ پيش منظر ۾ حالتن جي نزاڪت ۽ حساسيت جو ادراڪ رکندي گهڻي وقت کان سنڌ جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد ۾ به هڪ گڏيل فورم يا ايڪشن ڪميٽي جي گهرج محسوس ڪئي پئي وڃي. مشاورتي اجلاس ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان ايڪشن ڪميٽي جا بنيادي مقصد طئه ڪندي چيو ويو ته حيدرآباد شهر جي شهري ۽ ٻهراڙين جي عوامي مسئلن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي، حيدرآباد جي پسگردائي ۾ ٻهراڙين جون زمينون بلڊر مافيا حوالي ڪرڻ خلاف عوامي جدوجهد کي شروع ڪيو ويندو.

حيدرآباد جي بدترين ترقياتي ڍانچي جي بهتري لاءِ اثرائتو آواز اٿاري سنڌ ۾ مستقل طور آباد آبادين سان واسطو رکندڙ مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد پڻ ڪئي ويندي، هي گڏيل پليٽ فارم سنڌ حڪومت جي اهڙن سمورن فيصلن خلاف مزاحمت ڪندو، جن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي مستقل طور آباد عوام جي مفادن خلاف هجي، ان سان گڏوگڏ وفاق جي اهڙن سمورن فيصلن، پاليسين ۽ قدمن خلاف مزاحمت ڪئي ويندي، جيڪي سنڌ جي آئيني خودمختياري، وطني ۽ قومي وحدت، سنڌي ٻولي، شهرن ۽ وسيلن جي مالڪي ۽ مفادن جي خلاف هجن. ايڪشن ڪميٽي رياست ۽ حڪومتن جي اهڙين عوام دشمن، سرمائي پرست پاليسين نجڪاري، ڪارپوريٽ مفادن جي لاءِ زمينن جي وڪري، ماحولياتي تباهي ۽ مهانگائي سميت ٻين عوام دشمن فيصلن جي سخت مخالفت ڪندي. آخر ۾ اتفاق راء سان 5 رڪني عبوري گڏيل ايڪشن ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو.

5 رڪني ڪاميٽي ۾ جامي چانڊيو، پروفيسر امداد چانڊيو، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، حسين مسرت شاهه ۽ مهيش ڪمار کي نامزد ڪيو ويو. عبوري گڏيل ايڪشن ڪاميٽي 3 مهينن لاء هوندي. جيڪا آئنده جو لائحه عمل جوڙيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔