سنڌ ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت قانون تي عملدرآمد بابت حڪومتي رپورٽ رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان حڪومتي رپورٽ رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري مٿان ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڏيکاءُ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، ٻڌايو وڃي ته ٻارن جي تعليم تي پئسا خرچ ٿيا يا ڪنهن ٻئي شئي تي خرچ ڪيا ويا، توهان رڳو خانا پـُوري ڪئي آهي، فخر سان ٻڌائي رهيا آهيو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي 2014ع ۾ قائم ٿي، اها ڪنهن کي خبر ناهي ته ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، اٿارٽي جا آفيسر رڳو پگهار ۽ رعايتون وٺي رهيا آهن، عملي طور ڪم ڪوبه نٿو ٿئي، توهان ٻارن کي مستقبل جو ڏوهاري نه بڻايو، لاوارث ٻارن کي ڪا تعليم ڏيو يا هنر سيکاريو ته جيئن بهتر زندگي گذاري سگهن، ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته جِن ٻارن کي ڪنهن ڏوهه ۾ جيل ۾ رکيو ويندو آهي، ٻڌايو ته اُنهن لاءِ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي، عدالت لاوارث ٻارن جي بهتري لاءِ رکيل پئسن جي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔