فياض الحسن چوهاڻ کي وزارت تان هٽائڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فياض الحسن چوهاڻ کي پنجاب جي اطلاعات واري وزارت تان هٽائڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي پسنديده فياض الحسن چوهاڻ پارٽي جي اندروني سازش جو شڪار ٿيو، وفاق جي سوشل ميڊيا ٽيم جي شڪايت به فياض چوهاڻ جي وزارت تان محرومي جو سبب بڻي.ذريعن موجب وزيراعظم اڪثر اجلاسن ۾ فياض چوهاڻ جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪرڻ سان گڏ سندس مثال ٻين وزيرن کي ڏيندو رهيو پر وزيراعظم جي لاهور جي گذريل دورا ۾ وفاق جي سوشل ميڊيا ٽيم فياض الحسن چوهاڻ خلاف شڪايتن جا ڍير لڳايا.سوشل ميڊيا ٽيم فياض چوهاڻ جي مداخلت تي اعتراض واريندي چيو ته فياض چوهاڻ پنهنجي ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرائڻ چاهي پيو.ذريعن موجب پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار به فياض چوهاڻ کي اطلاعات واري وزارت تان هٽائڻ جو حامي هو، ڪجهه سينيئر وزيرن کي به چوهاڻ تي اعتراض هئا.ذريعن موجب فياض چوهاڻ حڪومت جي گهٽ پر پنهنجي مشهوري وڌيڪ ڪندو هو، چيف وهپ سيف الله نيازي کي به مٿس اعتراض هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔