ننڍي صنعتن کي هاڻي اضافي بجلي اڌ قيمت تي ڏني ويندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاران صنعتڪارن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيوويو جنهن موجب صنعتن کي ايندڙ 3 سالن تائين 25 سيڪڙو کان گهٽ اگهه تي بجلي ڏني ويندي ، پهرين نومبر کان ننڍي صنعتن کي اضافي بجلي 50 سيڪڙو گهٽ اگهه تي ڏني ويندي ،

سندس چوڻ آهي ته سوچي سمجهي صنعتڪارن لاءِ پيڪيج آندو آهي ، اسان جي صنعت وڌندي ته نوڪريون ملنديون ،

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا جي ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزيراعظم چيو ته ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي  اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته بجلي مهانگي هجڻ سان صنعتڪارن کي مشڪلاتون آهن ، ماضي ۾ بجلي جا مهانگا معاهدا ڪيا ويا ، صنعتي عمل جي ترقي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا آهن ،

هن ٻڌايو ته صنعتڪارن کي ملندڙ بجلي 25 سيڪڙو مهانگي آهي ، وفاقي ڪابينا پاران مختلف منظوريون پڻ ڏنيون ويون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔