وزيراعظم جي صدارت ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ اندر هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمودپنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جي تعليم وزيرن، تعليم بابت پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کي تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سطح تي هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جو مقصد شاگردن ۾ تجزياتي ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، شاگردن ۾ پاڪستانيت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ سچائي، ايمانداري، برداشت، هم آهنگي، ماحوليات بابت آگاهي، جمهوريت، انساني حقن، جٽادار ترقي بابت آگاهه ڪرڻ آهي، هڪ جهڙي تعليمي نصاب ۾ شاگردن جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اهو به ٻڌايو ويو ته گڏيل نصاب جٽادار ترقي جي حدفن کي نظر ۾ رکندي جوڙيو ويو آهي، جنهن جو اطلاق ملڪ جي تمام نجي، سرڪاري اسڪولن توڙي ديني مدرسن تي به ٿيندو، اسلامي تعليمات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسلاميات کي پهرين درجي کان ٻارهين درجي تائين نصاب ۾ هڪ ڌار مضمون طور پڙهايو ويندو، جڏهن ته اقليتن سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ هڪ الڳ مضمون متعارف ڪرايو ويندو جيڪو پهرين جماعت کان پڙهايو ويندو، ان حوالي سان تمام اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ملڪ اندر موجوده طبقاتي تقسيم کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔