ڪينيڊا ۾ به چاقوءَ سان حملا، 2 قتل، 5 زخمي

اوٽاوا: ڪينيڊا جي شهر ڪيوبيڪ سٽي ۾ به چاقوءَ سان حملن ۾ ٻه ڄڻا قتل ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن.
ان واقعي ۾ هيل تائين ٻن ڄڻن جي مارجڻ ۽ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
مقامي پوليس هڪ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته شڪي حملي آور کي ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات مقامي وقت موجب لڳ ڀڳ هڪ وڳي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس شهرين تي زور ڀريو آهي ته جيستائين شروعاتي جاچ ختم نٿي ٿئي ۽ روڊ رستن کي محفوظ قرار نٿو ڏنو وڃي، تيستائين عوام گهرن ۾ ئي رهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔