پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

راولپنڊي: پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
راولپنڊي ۾ زمبابوي طرفان مليل 206 رنسن جو هدف پاڪستان 35.2 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 77 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، جڏهن ته افتخار احمد 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
امام الحق 49، عابد علي 22، حيدر علي 29 ۽ محمد رضوان هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ان کان اڳ زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 45.1 اوورن ۾ 206 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
مهمان ٽيم طرفان سين وليمز 75 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته برينڊن ٽيلر 36، برائن چاري 25، مزارباني 17، ممبا 11، ماڌيوري 10 رنسون ٺاهي سگهيا.
پاڪستان طرفان افتخار احمد بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون، جنهن عيوض کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔