وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ بين المذاهب سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس

ڪراچي: رسول ڪريم ﷺ ٻنهين جهانن لاءِ رحمت آهن ، جيڪڏهن اسان رسول الله جي تعليم تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل ڪيون ته ڪنهن شخص ۾ اوهان جي گستاخي جي جرات نه ٿيندي، اسان کي اجتماعي آواز کڻڻو پوندو، ته جيئن ويٽيڪن کان مذمتي بيان جاري ٿئي ، وزيراعظم جي خط جي ان ڏس ۾ وڏي اهميت آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ بين المذاهب سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ ناليواري علمي ، سماجي ۽ سياسي شخصيتن خيالن جو اظهار ڪيو ، اقرا يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾ ڪوٺايل ان ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ معتبر شخصيتون شريڪ ٿيون.

ان پروقار تقريب  کي حليم عادل شيخ، عامر خان ، حنيد لاکاڻي ، فردوس شميم نقوي ، خواجا اظهار الحسن، رئوف صديقي ، ارشد وهرا، ڪامران علي خان، علاما سيد محمد طلال رضوي ، ڊاڪٽر احمد قادري، فادر نذير جون ، اشوڪ ڪمار سنجواني، روي دواني ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ رسول اڪرم ﷺ جي شخصيت ۽ تعليمات جو ذڪر ڪندي فرانسيسي حڪومت جي کنيل قدمن جي سختي سان مذمت ڪئي.

وائيس آف سنڌ جي پيٽرن اِن چيف ، پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ تعليم جي ماهر ۽ بيت المال سنڌ جي سربراهه حنيد لاکاڻي خطاب ڪندي نبي ڪريم  ﷺ جي تعليم تي روشني وڌي، عالم انسانيت لاءِ سندن خدمتن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي ۽ فرانسيسي حڪومت جي مذمت ڪئي .

تقريب ۾ ملڪ جي ناليوارن نعت خوانن رسول الله ﷺ جي شان ۾ عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو ، تقريب ۾ مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ،جن ان تقريب کي ساراهيو . تقريب جي ميزباني احسن لاکاڻي ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔