مسلمان ملڪن کي اسلامو فوبيا مسئلو حل ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين مسلمان ملڪ اسلامو فوبيا کي حل نه ڪندا،تيستائين هي مسئلو وڌندو ويندو،اولهه کي خبر ناهي ته اسان جو نبي ڪريم ﷺ سان ڪهڙو رشتو آهي،شاگرد جيئن جيئن سيرت طيبه پڙهندا، انهن کي سمجهه ايندي. اسلام آباد ۾ رحمت العالمين قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اولهه جي معاشري ۾ اهو ادب ناهي، جيڪو اسان وٽ آهي، اولهه جي ملڪن ۾ حضرت عيسيٰ تي فلمون ٺاهيون ويون آهن. هن چيو ته اسان ستين، اٺين ۽ نائين جماعت جي ڪتابن ۾ سيرت طيبه جا مضمون شامل ڪنداسين، اسان جي نبي ﷺ جهڙو عظيم انسان نه آيو نه اچي سگهي ٿو… هن چيو ته يورپ ۾ ننڍو طبقو آهي، جيڪو اسلام جي خلاف پروپئگنڊا ڪري ٿو، اولهه وارا اسان جي نبي ڪريم صلعم سان عقيدت کي سمجهي نٿا سگهن. هن چيو ته مون او آءِ سي ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مسلمان ملڪن کي اسلامو فوبيا جي مسئلي کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو.مسئلي کي سمجهڻ بدران مسلمانن کي تنگ نظر ۽ اظهار جي راءِ جي آزادي جو مخالف سمجهو پيو وڃي. عمران خان چيو ته مون گڏيل قومن ۾ به هي موقف اختيار ڪيو هو ته مسلمانن جي جذبن کي سمجهو وڃي. هن واضح ڪيو ته يهودي ميڊيا گهڻي مضبوط آهي، ڪوبه هولوڪاسٽ بابت ڳالهائڻ جي جرعت ڪري نٿو سگهي.چار ملڪ اهڙا آهن، جتي هولو ڪاسٽ تي ڳالهايو وڃي ته جيل ۾ وجهي ڇڏين ٿا،ڪو سوچي به نٿو سگهي ته هولوڪاسٽ تي مزاحيا ڪارٽون ٺاهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔