سي پيڪ اٿارٽي بابت ترميمي آرڊيننس ۽ سرڪاري نجي شراڪتي اٿارٽي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن واڌ

قومي اسيمبلي سي پيڪ اٿارٽي بابت ترميمي آرڊيننس ۽ سرڪاري نجي شراڪتي اٿارٽي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن واڌ ۽ منشيات جو ترميمي بل 2020 وارا بلز قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتا. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ 26 هين ترميم بل 2020 ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري اٿارٽي بل پيش ڪيا، ايوان ٻئي بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتا.ايوان ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي نشي وارين شين جي روڪٿام ترميمي بل 2020 پيش ڪيو جيڪو پڻ منظور ڪيو ويو.بل تحت منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار جي 45 ڏينهن ڏينهن تائين تحويل ۾ رکي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔