سينيٽ ۾ آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ڪرڻ تي مخالف ڌر جو شديد احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ڪرڻ تي مخالف ڌر شديد احتجاج ڪري ايوان ۾ شيم شيم ۽ آءِ لينڊ آرڊيننس نامنظور جا نعرا هنيا. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي وارلا جي صدارت هيٺ اجلاس دوران اپوزيشن ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو.پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ سينيٽر بِهرامند تُنگي چيو ته صوبن جي ملڪيت تي آرڊيننس ذريعي قبضو ڪرڻ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.هن چيو ته آرڊيننس فيڪٽري مان رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي ريت آرڊيننس جاري ڪري قبضو ڪيو ويو،،هي معاملو پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي ها. وفاقي وزير علي زيدي ڳالهائيندي چيو ته آرڊيننس جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي،انڪري عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔