سينيٽ ۾ اپوزيشن پاران پشاور ڌماڪي تي حڪومت مٿان تنقيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ايوان جي ايجنڊا معطل ڪري مخالف ڌر کي پشاور جي مدرسي ۾ بم ڌماڪي تي بحث جي اجازت ڏئي ڇڏي.سينيٽرز حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته صدر، وزير اعظم ۽ ڪي پي جي وڏي وزير سميت ڪوبه ڌماڪي واري جاءِ تي نه ويو آهي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن کي پشاور واقعي جو درد محسوس نٿو ٿئي،يقين هيو ته شبلي فراز پشاور سانحي تي ضرور ڳالهائيندو.هن چيو ته شبلي فراز کي گوجرانوالا جو درد محسوس ٿئي ٿو پر پشاور جو نه،انٽيليجنس ادارن ٿريٽ الرٽ 3 ڏينهن پهريان جاري ڪيو.اسان وٽ روئڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي بچيو.هن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته ڌماڪي کانپوءِ به مدرسي کي سيڪيورٽي ناهي ڏني وئي، حڪومت جواب ڏي ته پشاور ڌماڪي ۾ ڪير ملوث هو؟ .هن چيو ته ملڪ ۾ باهه پئي ٻري ۽ اسان کي حالتن جي خبر ئي ناهي، هن وقت پشاور وڏي خوف ۾ مبتلا آهي، پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.ان موقعي تي سينيٽر مولانا عطاءَ الرحمان ۽ ٻين به پشاور سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔