آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي رحم جي درخواست تي صحيحون ڪري ڇڏيون

نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ ڊاڪٽر عافيه صديقي رحم جي درخواست تي صحيحون ڪري ڇڏيون.پارلياماني معاملن جي صلاحڪار بابر اعواڻ سينيٽ کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي رحم جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته ڊاڪٽر عافيا کي اِي ميل ۽ ٽيلي فون جي رسائي ڏني وئي آهي.هن چيو ته درخواست آمريڪا جي صدر کي موڪلي پئي وڃي،ان درخواست کانپوءِ رستا کلندا.بابر اعواڻ چيو ته ڊاڪٽر عافيه پنهنجي خاندان ۽ وڪيل سان به رابطي ۾ آهي.هن ڪيترائي ڀيرا سفارتخاني جي ٽيلي فون تي به ڳالهايو آهي.هن چيو ته هوسٽن جي سفارتخاني کي چيو ويندو ته اهو ڊاڪٽر عافيا صديقي جو سندس گهر وارن سان رابطو ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔