پاڪستان ۾ حڪومت نالي ڪابه شيءِ ناهي:فضل الرحمان

ملتان (م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت نالي ڪابه شيءِ ناهي، جيڪا آهي اها ڪٺ پتلي آهي،ڪشمير کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو فارمولو عمران جو هو.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت سيڪيورٽي ڏئي نٿي سگهي ته اسان جلسن جو تحفظ پاڻ ڪنداسين.پي ڊي اي جي سربراهه چيو ته اسان نه حڪومت سان ڳالهيون ڪنداسين، نه ئي ڳالهين جي حق ۾ آهيون،اليڪشن ڪميشن 2018 جي چونڊن کي رد ڪري نين عام چونڊن جو اعلان ڪري..مولانا فضل الرحمان چيو ته مان ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪندو آهيان، حڪومت پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.مولانا چيو ته ڪراچي واقعي تي سنڌ پوليس جو رد عمل واضح آهي، پيپلز پارٽي ڪراچي واقعي تي پي ڊي ايم جو ساٿ ڏنو.هن چيو ته پي ڊي ايم جو هر جلسو ريڪارڊ ٽوڙيندو، ملڪي حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن،سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهيون،اسان جلسا ڪندا رهنداسين، تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔