عافيه کي آمريڪا حوالي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي:بابر اعواڻ

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ مشهور قانوندان سينيٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته عافيه صديقي ۽ ايمل ڪانسي کي آمريڪا جي حوالي ڪندڙن  خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته عافيه صديقي جي گهر وارن کي ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه نه پئي ڪرائي وڃي. سينيٽر مشتاق احمد جي سوال تي جواب ڏيندي سينيٽر بابر اعواڻ ايوان کي ٻڌايو ته پهريان ڊاڪٽر عافيه صديقي رحم جي اپيل داخل ڪرڻ تي به خدشا ظاهر ڪري رهي هئي پر هاڻ هن رحم جي اپيل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار ٻڌايو ته هاڻ رحم جي درخواست آمريڪي صدر کي موڪلي رهيا آهيون. اسان جي اختيار ۾ هجي ها ته عافيه صديقي کي 24 ڪلاڪن اندر پاڪستان وٺي اچون ها. بابر اعواڻ چيو ته عافيه صديقي کي اي ميل تائين پهچ حاصل آهي.

عافيه صديقي ان جي زريعي پنهنجي خاندان ۽  قونصل سان رابطي ۾ رهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه اسان جي سفارتخاني مان ڪيترائي ڀيرا ايمبيسي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پر خاندان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جي مون کي خبر نه آهي.

بابر اعواڻ چيو ته هوسٽن جي سفارتخاني جي ذميواري لڳائي سگهان ٿو ته هو ان جي گهر وارن سان عافيه صديقي جو رابطو ڪرائين. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عافيه صديقي ۽ ايمل ڪانسي کي حوالي ڪندڙن کي عدالت آڻي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔