سينيٽ اجلاس دوران ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا شبلي فراز کي تقرير کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:  سينيٽ اجلاس جي دوران ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا اطلاعات واري وزير شبلي فراز کي تقرير ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

شبلي فراز اپوزيشن جي جلسن تي ڳالهائڻ چاهيو ٿي پر ڊپٽي چيئرمين کيس منع ڪندي چيو ته اجلاس کان پوءِ ان تي ڳالهائي وٺجو. اطلاعات واري وزير جي تقرير دوران اپوزيشن طرفان گوڙ به ڪيو ويو شبلي فراز چيو ته مان اپوزيشن جو ضمير جاڳائڻ چاهيان ٿو. ڊپٽي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪا اهم ڳالهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪريو.

شبلي فراز چيو ته مان حڪومت جي پاليسي اسٽيبلشمينٽ ڏيڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن ملڪ مخالف بيان کان وڌيڪ ٻئي ڪا شيءَ آهي ته مون کي ٻڌايو. اطلاعات واري وزير چيو ته مان حڪومت جو موقف سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. سليم مانڊوي والا چيو ته اوهان اجلاس کان پوءِ پنهنجو بيانيو پيش ڪجو. جنهن تي شبلي فراز چيو ته مان اجلاس جي دوران ئي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ چاهيان  ٿو ۽ بطور اطلاعات واري وزير هجڻ سبب مون کي ڪير به پنهنجو بيان پيش ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي. مناسب هوندو ته مون کي تقرير ڪرڻ ڏني وڃي.

اطلاعات واري وزير چيو ته مان سينيٽر به آهيان مون کي ملڪ مخالف بيانيي تي پنهنجي دشمن کي پاليسي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ملڪ جي حق ۾ آواز اٿارڻ کان مون کي ڪير به نٿو روڪي سگهي. ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته اوهان اجلاس کان پوءِ اچو، في الحال جيڪڏهن ڪا ڪم جي ڳالهه آهي ته اها ڪريو. سليم مانڊوي والا چيو ته هن وقت اجلاس کي ايجنڊا موجب هلڻ ڏيو.

اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ وزير پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا. شبلي فراز جي حمايت ۾ شهزاد وسيم چيو ته شبلي فراز کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي. کيس پاليسي بيان ڏيڻو آهي پر هتي ته ڪوبه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هر جلسي کان پوءِ هڪ بم ڌماڪي جي سلامي ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔