قومي اسيمبلي جو اجلاس، 2 ٺهراءَ منظور، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڪمپنيز جي نئين سر تعمير بابت ترميمي آرڊيننسز ۾ 120 ڏينهن جي واڌ وارا ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ، وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ ٺهراءُ ۽ بلز ايوان ۾ پيش ڪيا، اپوزيشن ميمبرز طرفان بلز ۽ ٺهراءَ جون ڪاپيز نه ملڻ خلاف احتجاج، ايوان ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي قيام لاءِ رولز واضح ڪرڻ بابت بل به قومي اسيمبلي ۾ پيش، اميگريشن ترميمي بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔