اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي، حڪومت مان عوام بيزار آهي: فضل الرحمان

ملتان: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي.

پي ڊيم ايم جي اڳواڻ ملتان ۾  صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڀ ڏسي رهيا آهن ته ملڪ جون حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن. عوام موجوده حڪومت کان بيزاري جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي. گوجرانوالا، ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪا تحريڪ  جي ڪاميابي جو وڏو ثبوت آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان مطمئن آهيون ڇو ته اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي. جڏهن ته ادارا ملڪ جي لاءِ هاڻ برداشت جوڳا ناهن هنن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻو پوندو. عمران خان جي حڪومت هوندي ته هو ته پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ آجو ته ٿيندو. هن چيو ته موجوده اسيمبلي جعلي آهي ۽ مان ان هائوس تبديلي جو قائل ناهيان. جڏهن ته ڪشمير کي 3 حصن ۾ ورهائڻ جو فارمولو عمران خان پيش ڪيو هو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پشاور مدرسي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي آرمي پبلڪ اسڪول جهڙي ئي آهي پر ديني مدرسا حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل ناهن. گستاخ خاڪن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته فرانس ۾ به پرتشدد واقعا ٿيا آهن جڏهن ته فرانس ۾ گستاخ خاڪن تي  سمورن مسلمان ملڪن جو هڪ ٿيڻ تعريف جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته فرانس جي خلاف سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ وقت ثابت ڪري رهيو آهي ته مسلمان شدت  پسند ناهن پر يورپ وارا ماڻهو شدت پسند آهن. هن مطالبو ڪيو ته فرانس سان حڪومتي معاهدا ختم ڪيا وڃن ۽ فرانس کي ٻڌايو وڃي ته اسان معاشي بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔