وڏي وزير مراد علي شاهه ننگرپارڪر ۾ پٽياڻِي ندي تي ٺهيل ڪاليداس ڊئم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

مٺي : وڏي وزير مراد علي شاهه ننگرپارڪر ۾ پٽياڻِي ندي تي ٺهيل ڪاليداس ڊئم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 33 ڪروڙ 30 لک رُپين جي لاڳت سان تيار ٿيل ڊئم مان مقامي ماڻهن کي پاڻي مهيا ٿيندو، 2 لک 8 هزار ايڪڙ زمين تي به فصل جي پوکي ٿي سگهندي، وڏي وزير مراد علي شاهه افتتاحي تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته ڊئم سان سڄو سال مقامي ماڻهن جون ضرروتون پوريون ٿي سگهنديون، پ پ حڪومت سدائين ٿر واسين جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي، اسلام ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪري ڏيکاريا آهن، ڊئم جي افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزيرن سوڌو پ پ اڳواڻن طرفان شرڪت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔