قومي اسيمبلي ۾ پي ڊي ايم جي جلسن خلاف ٺهراءَ منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ پي ڊي ايم جي جلسن خلاف ٺهراءَ منظور ڪيو ويو، وفاقي وزير مراد سعيد ٺهراءَ پيش ڪندي مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جي اڳواڻن تي الزام مڙهيو ته انهن قومي ادارن خلاف ڳالهايو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. مراد سعيد تقرير ڪندي چيو ته عدالت نوازشريف کي ڪوڙو ۽ نااهل ثابت ڪري چڪي آهي، مخالف ڌر پاڪستان جي خلاف سازشن جو حصو نه بڻجي. مراد سعيد چيو ته جلسن ۾ ايوان جي ٺهرائن جا بخيا اڊيڙيا ويا، مقدس ايوان آئين جي توهين جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته قومي ٻولي تي جيڪو بيان ڏنو ويو اهو مذمت جوڳو آهي،مخالف ڌر جيتري به ڪوشش ڪندي،ان کي اين آر او نه ملندو. پي ڊي ايم جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف ڳالهائيندي چيو ته مراد سعيد جهڙا وزير ايوان جو ماحول خراب ڪري رهيا آهن،توهان پي ڊي ايم کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيو ٿا، جيڪڏهن پي ڊي ايم غير آئيني آهي ته توهان ڪيئن آئيني ٿي ويا. هن چيو ته ملڪ جو آئين عوام کي احتجاج کان نٿو روڪي، جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته پوءِ ڪوبه اسان کي احتجاج کان روڪي نٿو سگهي،حڪمرانن جو جيڪو حشر ٿيڻ وارو آهي،ان کان ڊڄن، اسان کي وزير آئين نه پڙهائين ،اسان آئين ٺاهيو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔