جيڪڏهن گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته عوام سان گڏ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين:بلاول

اسڪردو : پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته عوام سان گڏ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين، گلگت واسي ڪٺ پتلي سان نه پر ڀٽو سان گڏ آهي. پ پ چيئرمين جي گلگت چونڊن جي مهم جاري آهي، اسڪردو ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هي اليڪشن اقتدار جي نه پر اوهان جي مستقبل جي آهي، اسان کي گلگت کي ان تباهي کان بچائڻو آهي جيڪا پوري پاڪستان ۾ تبديلي جي نالي تي شروع ٿي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان اوهان کي هتي ڏانڌلي جي اجازت نه ڏينداسين، جيڪڏهن ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گلگت جي عوام سان گڏ اسلام آباد پهچي ڌرڻو هڻنداسين، نوجوان قيادت ئي نوجوانن جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي، نوجوانن جو سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، ان جو حل صرف پيپلزپارٽي وٽ آهي. هن چيو ته سڄي پاڪستان جو عوام حڪومت خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهي. ذوالفقار علي ڀٽو گلگت بلتستان جي عوام کي آزاد ڪرايو، بينظير ڀٽو گلگت بلتستان جي حقن جي ڳالهه ڪئي، آصف زرداري گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏنو، مهدي شاهه گلگت بلتستان جي 25 هزار نوجوانن کي روزگار ڏياريو پر پيپلزپارٽي حڪومت کانپوءِ انهن نوجوانن کان روزگار کسيو ويو، هاڻ پيپلز پارٽي جي نئين نسل جي جدوجهد شروع ٿي چڪي آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين وڌيڪ چيو ته گلگت کي بهادر ۽ عوامي نمائندو گهرجي، هنن کي اهڙو نمائندو چونڊڻو آهي جيڪو اسڪردو جا مسئلا حل ڪري، گلگت بلتستان جو عوام دوکو نٿو کائي سگهي، عوام ڪنهن ڪٺ پتلي جو ساٿ نه ڏيندو، ڪنهن سليڪٽڊ جو ساٿ نه ڏينداسين، سڄي پاڪستان جو عوام حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ مفت علاج لاءِ اسپتالن جو ڄار وڇايو ويو آهي، گلگت بلتستان ۾ به دل جي مفت علاج لاءِ اسپتال بڻائڻ گهرجي، اسان ٿر جهڙي ريگستان ۾ پاور پلانٽ بيهاريو، گلگت بلتستان ۾ به بجلي جو منصوبو هڻي ڏيکارينداسين، گلگت بلتستان جي عوام کي منهنجو ساٿ ڏيڻو آهي، 15 نومبر تي گلگت بلتستان جي عوام سان گڏ جشن ملهائيندس. اسلام آباد ڏانهن پيغام موڪلڻو آهي ته گلگت بلتستان جو عوام ڀٽو سان گڏ آهي. هن چيو ته جج جي جاسوسي ڪندڙن جو احتساب ڪيو وڃي، عدالتي فيصلو اچڻ بعد حڪومت جي بدنيتي ظاهر ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔