گستاخ خاڪن جي اشاعت خلاف سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي: گستاخ خاڪن جي اشاعت واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل تي سڄي صوبي ۾ عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اپيل کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي معطل ڪئي وئي ۽ سمورا بورڊ ڊسچارج ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سٽي ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتي ۾ به عدالتي معاملا معطل ڪيا ويا آهن البته اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ججن جي چيمبر ۾ ثيندي.

ٻئي طرف حيدراباد ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت واري معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل جي اپيل تي  عدالتي معاملن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.هاءِ ڪورٽ بينچ، سرڪٽ بينچ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ٺٽي ۽ نوابشاهه ۾ به وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي.  وڪيل هڙتال سبب عدالتن ۾ پيش نه ٿيا جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ٿي ويون.

ياد رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ پوءِ ان جي حق ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي بيان کان پوءِ سڄي دنيا ۾ فرانس جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلم ملڪن ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ واري مهم شروع ٿي وئي آهي.

پاڪستان به فرانس جي ان قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ کان مذمتي قرارداد به منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان فرانسيسي سفير کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔