ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپرپاران حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪئي وئي ، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جوابدار بلال شيخ، عديل شاهه راشدي ۽ ٻيا پيش ٿيا، احتساب عدالت ۾ سنڌ بئنڪ کي 25 ارب رُپين جو مبينا نقصان پهچائڻ واري ريفرنس تي به ٻڌڻي، بئنڪ جو اڳوڻو صدر بلال شيخ، شريڪ جوابدار طارق پرويز ۽ محمد اشتياق پيش، عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔