دهشتگردي ۽ جاسوسي جي ڏوهه ۾ سزا پوري ڪندڙ 5 ڀارتي ڏوهاري آزاد ٿيڻ بعد ڀارت واپس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش

اسلام آباد : پاڪستان دهشتگردي ۽ جاسوسي جي ڏوهه ۾ سزا پوري ڪندڙ 5 ڀارتي ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ بعد ڀارت واپس اُماڻي ڇڏيو، وفاقي گهرو کاتي طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، وفاقي گهرو کاتي چيو آهي ته 26 آڪٽوبر تي سزا پوري ڪندڙ 4 ڀارتي قيدين کي واپس اُماڻيو ويو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پُڇيو ته ٻين چئن جوابدارن جو ڇا ٿيو؟ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ٻين چئن قيدين کي به ملٽري ڪورٽ مان سزا ملي هئي، اُنهن مان هڪ قيدي کي آزاد ڪري واپس ڀارت اُماڻيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته رهيل ٽن قيدين خلاف ڪرمنل ڪارروائي ختم ٿي چڪي آهي ته کين ڇو رکيو ويو آهي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔