قومي اسيمبلي اجلاس: پ پ اڳواڻ کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ تي اپوزيشن جو اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گوڙ

اسلام آباد: ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آغا رفيع الله کي ايوان مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

رپورٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪم ڏنو ته آغا رفيع الله هائوس جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ان کي پوري اجلاس جي دوران اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. آغا رفيع الله جي ٻاهر نڪرڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن جي ٻين پارٽين اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گوڙ ڪيو ۽ سخت احتجاج ڪيو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ پاران ڪڻڪ جي قيمت گهٽ ڪرڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو خواجه آصف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 40 ارب روپيه هارين کي ڏنا وڃن ته ڪڻڪ جو معاملو حل ٿي ويندو. حڪومت پنهنجي اي ٽي ايم کي فائدو پهچائڻ ۾ مصروف آهي. ڪڻڪ جي قيمت 1600 مقرر ڪئي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 2400 آهي.

هن چيو ته اسان جو زرعي ملڪ آهي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪمند کي پوکڻ لاءِ ڪڻڪ کي تباهه ڪيو پيو وڃي. حڪومت جي اها هاري دشمن پاليسي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر غلام سرور خان چيوته اپوزيشن پنهنجي ڳالهه ڪئي هاڻ حڪومت جي موقف  کي به ٻڌو وڃي. اپوزيشن جي تجويز جو اسان خيال رکنداسين.

خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان پنهنجون سفارشون ڏنيون آهن. سنڌ حڪومت ڪڻڪ بابت پنهنجون سفارشون ناهن ڏنيون. اپوزيشن جي تجويز تي غور ضرور ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔