پاڪ بحريا پاران اينٽي شپ ميزائلز جو ڪامياب تجربو

ڪراچي: پاڪ بحريا عربي سمنڊ جي اتر ۾ اينٽي شپ ميزائلز فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو.

پاڪ بحريا جي ترجمان موجب بحريه جي جنگي جهاز،، هوائي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽرن ڪاميابي سان پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو.

ترجمان چيو ته چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ميزائلز فائرنگ جو مشاهدو ڪيو ۽ پاڪ بحريا جي آپريشنل تيارين تي اطمينان ڪيو.

نيول چيف ايڊمرل امجد نيازي جو چوڻ هو ته ميزائلز فائرنگ جو مظاهرو پاڪ بحريا جي آپريشنل صلاحيتن جو ثبوت آهي، پاڪ بحريا ڪنهن به امڪاني جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جوان ۽ آفيسرز ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ بحري اثاثن جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔