شاهه محمود جو افغان هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو،مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري افغان امن عمل ، خطي ۾ امن جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ،شاهه محمد قريشي ڳالهائيندي چيو ته افغان شهرين جي سفري ڏکيائن کي سامهون رکندي نئين ويزا پاليسي جوڙي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تاريخي برادرانا واسطا آهن،. هن چيو ته پاڪستان خوشحال، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جو خواهشمند آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام، افغانستان ۾ امن جي قيام سان جڙيل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ مستقل امن جو خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ هجڻ ضروري آهن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔