وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو جتي هو اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو.

عمران خان انصاف ڊاڪٽرز فورم جي ڪنوينشن ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي گورنر چوڌري  سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقاتون به ٿينديون. پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار صوبي جي سياسي صورتحال تي وزيراعظم کي بريف ڪندو.

عمران خان سان ميڊيا جي محاذ تي متحرڪ پارٽي اڳواڻن جي به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم لاهور واري دوري دوران پنج مختلف اجلاس تجويز ڪيا آهن هو پنجاب ۾ هيلٿ ڪارڊ جي سهوليت جي حوالي سان به اجلاس ڪندو. صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت به عمران خان  کي بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم عوامي مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويزن تي به غور ڪندو. پارٽي اڳواڻن ۽ صوبائي ڪابينه سان ملاقات به وزيراعظم جي شيڊول ۾ شامل آهي.

عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي هدايت به جاري ڪندو. مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽  ضرورت وارين شين ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون به غور هيٺ اينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔