وائيس آف سنڌ ۽ سي پي ايل سي جي سهڪار سان سائيبر سيڪيورٽي سيمينار

ڪراچي: وائس آف سنڌ ۽ سي پي ايل سي جي سهڪار سان جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سائيبر سيڪيورٽي سيمينار ڪوٺايو ويو .

تفصيل موجب سائبر سڪيورٽي جهڙِي اهم موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾ وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون ، اسسٽنٽ چيف سي پي ايل سي علي حاجي، سي پي ايل سي ايسٽ جي چيف عابد عذيرخطاب ڪيو  ۽ سائبر سيڪورٽي جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي .

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طارق رفيع
پروجيڪٽ ڊائريڪٽر وائيس آف سنڌ ، ڊاڪٽر عمير هارون
اسسٽنٽ چيف سي پي ايل سي ، علي حاجي
سي پي ايل سي ايسٽ جو چيف عابد عذير

بعد ۾ وائيس چانسلر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر طارق رفيع خطاب ڪيو ، جنهن ۾ ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سي پي ايل سي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مختصر وقت ۾ وائيس آف سنڌ کي پنهنجو فڪري اميج ٺاهڻ تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون کي مبارڪون ڏنيون . وائيس چانسلر پاران خطاب ڪندڙن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون . ان تقريب ۾ پاڪستان ۾ فرانزڪ سائنس ۾ اٿارٽي تصور ڪيو ويندڙ ڊاڪٽر فرحت حسين مرزا پڻ شرڪت ڪئي .

ان سيمينار ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جن ان ڪاوش کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔