فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ وارو معاملو ڪابينه جي سامهون رکڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گستاخ خاڪن جي معاملي تي فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي درخواست تي معاملو وفاقي ڪابينه جي سامهون رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فرانس ۾ سرڪاري سطح تي گستاخ خاڪن جي اشاعت جي معاملي تي فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي حڪومت مذمت ته ڪئي آهي ۽ فرانسيسي سفير کي به گهرايو آهي. قومي اسيمبلي مان قرارداد به پاس ٿي آهي ۽ پارليامينٽ مان قرارداد جو اچڻ به عوام جي ترجماني آهي.

عدالت معاملو وفاقي ڪابينه جي سامهون رکڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو. عدالت چيو ته ڪابينه عوامي جذبات کي سامهون رکي فيصلو ڪري. ياد رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ پوءِ ان جي حق ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون  جي بيان کان پوءِ سڄي دنيا ۾ فرانس جي خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلمان ملڪن ۾ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جي مهم شروع ٿي وئي آهي.

پاڪستان به فرانس جي ان قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارليامينٽ مان مذمتي قرارداد به منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪستان فرانسيسي سفير کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔