مشهور قوال شير ميانداد ۽ سندس پٽ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي

فيصل آباد: مشهور قوال شير ميانداد ۽ سندس پٽ تقريب کان واپس وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.
ڳوٺ چڪ 204 ر- ب جي ويجهو مشهور قوال شيرميانداد ۽ سندس پٽ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا آهن، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته شير مياداد جي پٽ عبيد علي جي مدعيت ۾ مدينه ٽائون جي پوليس اسٽيشن ۾ واقعي جو ڪيس نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب قوال شير ميانداد تقريب ۾ شامل هو، واپسي تي رستي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ڦورن سندس ڪار کي روڪيو ۽ مبينا طور تي 2 لک روپيا کسي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي فائرنگ به ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قوال شيرميانداد ۽ سندس پٽ عبيد علي زخمي ٿي پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔