نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جاچ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جاچ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست گذار محمد زمان گيلاني پنهنجي درخواست ۾ نواز شريف، شهباز شريف، صحت واري وفاقي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، چيئرمين نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ علاج ڪرائڻ بجاءِ ملڪ ۽ ادارن کي بدنام ڪري هندوستان جي پاليسي کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، سندس تقرير جو مقصد پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رکڻ آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت نمائندن مطابق نواز شريف جعلي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي ملڪ کان ٻاهر ويو، جعلي ميڊيڪل رپورٽ بابت نيب ۽ ايف آءِ اي کي به درخواستون ڏنيون پر انهن جي به ڪا شنوائي نه ٿي، عدالت کي استدعا آهي ته جعلي ميڊيڪل رپورٽس واري مامري تي انڪوائري ڪرائي وڃي ته نواز شريف جعلي ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ملڪ کان ٻاهر ڇو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔