گرينڊ هيلٿ الائنس جي جدوجھد کانپوءِ صحت کاتي پاران ملازمن جو ڪورونا رسڪ الائونس بحال

ڪراچي : گرينڊ هيلٿ الائنس جي جدوجھد کانپوءِ صحت کاتي رسڪ الائونس بند ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڪورونا رسڪ الائونس بحال ڪري ڇڏيو الائونس بند ڪرڻ لاءِ فنانس کاتي کي صحت کاتي پاران 9 آڪٽوبر تي ليٽر اماڻيو ويو هو، جيڪو ڪالهه واپس ورتو ويو آچر تي گرينڊ ھيلٿ الائنس جي وفد جون سيڪريٽري ھيلٿ سان ڳالھيون ٿيون هيون، واضح رهي ته گذريل 8 ڏينهن کان گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سرڪاري اسپتالن ۾ رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ او پي ڊيز جو بائڪاٽ جاري هو، جنهن سبب مريض پريشانين کي منهن ڏئي رهيا هئا. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گرينڊ هيلٿ الائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب نوناري چيو ته صحت کاتي پاران رڳو رسڪ الائونس جاري ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، اسان جا سمورا مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔