سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به پوليس آفيسر جي موڪل جي درخواست منظور نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به پوليس آفيسر جي موڪل جي درخواست منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سمورن آفيسرن کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجو ڪم جاري رکو، سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اوهان سان گڏ آهن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه واقعي جي شفاف جاچ جي خاطري ڪرائي آهي، سنڌ حڪومت به جاچ ڪري رهي آهي، واقعي بابت جلد حقيقتون سامهون اينديون، بلاول ۽ وڏي وزير ڪراچي آپريشنز سميت صوبي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال تي پوليس آفيسرن جي ڪردار جي واکاڻ به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔