آرمي چيف پاران ڪيپٽن رٽائرڊ صفدرجي واقعي جو نوٽيس،ڪور ڪمانڊر کي جاچ ڪري فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري وارو واقعي بابت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوٽيس وٺي ڇڏيو، آرمي چيف طرفان ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي جاچ ڪري فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پ پ چيئرمين ڪراچي ۾ پيش آيل ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري واري واقعي تي پ پ چيئرمين بلاول سان رابطو ڪيو. رابطي دوران آرمي چيف بلاول کي واقعي تي نوٽيس بابت آگاهه ڪيو. پ پ چيئرمين پاران واقعي بابت شفاف جاچ ڪرڻ تي آرمي چيف جي حڪمن جي ساراهه ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔