نيب آفيس ٻاهران هنگامو ڪيس،راڻا ثناءُ الله ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ٻين جي عبوري ضمانتن ۾ 23 آڪٽوبر تائين واڌ

لاهور : دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيب آفيس ٻاهران هنگامي ڪيس ۾ نواز ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ٻين جي عبوري ضمانتن ۾ 23 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، خصوصي عدالت جي جج سجاد حسين درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، راڻا ثناءُ الله قومي اسيمبلي جي اجلاس سبب پيش نه ٿيو ان جي حاضري کان معافي جي درخواست پيش ڪئي وئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، جوابدار جي وڪيل فرهاد علي شاهه دليل مڪمل ڪري ورتا، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪيس بي بنياد ۽ سياسي ڪارروائي آهي، سمورا ماڻهو جاچ ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، فوٽو گرامنٽڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔