سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، پ پ پاران صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد آندي ويندي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، پ پ پاران صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد آندي ويندي، جي ڊي اي پاران به ٻيٽن بابت جاري ڪيل اين او سي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد جمع ڪرائي وئي، جي ڊي اي جي ايم پي ايز نصرت سحر عباسي، رزاق راهمون ۽ عارف مصطفي جتوئي اسيمبلي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايل قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس تي سنڌ جي ماڻهن جيان جي ڊي اي کي به تحفظات آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل اين او سي تي پڻ جي ڊي اي کي اعتراض آهن، سنڌ ڪابينا پاران اين او سي جي منظوري به سواليه بڻيل آهي، صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي. جڏهن ته اڄوڪي اجلاس ۾ پ پ پاران پڻ صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔