وڏي وزير آءِ جي سنڌ سميت سينئر پوليس آفيسرن کي اڄ وزيراعليٰ هائوس طلب ڪري ورتو

ڪراچي : سنڌ پوليس جي موجوده صورتحال تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه آءِ جي سنڌ سميت سنيئر پوليس آفيسرن کي اڄ وزيراعليٰ هائوس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي واقعي تي جاچ ڪميٽي جوڙڻ واري اعلان کانپوءِ آءِ جي سنڌ ۽ صوبي جي ٻين سينئر آفيسرن کي اڄ صبح يارهين وڳي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏايل گڏجاڻي ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي دوران وڏو وزير پوليس آفيسرن کي اعتماد ۾ وٺندو ته هو معامي جي شفاف جاچ ڪرائيندو ۽ پوليس جو مورال اوچو ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کڻندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔