ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مسڪن چورنگي ويجهو ڌماڪو، 5 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي : ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مسڪن چورنگي ويجهو ڌماڪو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي تي 4 ماڙ عمارت جي پهرين ماڙ تي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو 4 ماڙ عمارت جي پهرين ماڙ تي ٿيو، ڀرپاسي بيٺل گاڏين کي نقصان پهتو، پهريون فلور تباهه ٿي ويو، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون عمارت جي ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهن، جڏهن ته عمارت ۾ ڪيترائي ماڻهو پڻ دٻيل هجڻ جو خدشو آهي ۽ انهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي، رينجرز پڻ علائقي ۾ پهچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔